ڪوٽڙِي: قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي مانجھد پاران بنيادي مسئلن جي حل لاءِ مظاهرو، ڌرڻو

ڪوٽڙي ۾ قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي مانجھد پاران  ٽيلي گراف ڪالوني کان سوين ماڻھن  ريلي  ڪڊي   ڊي سي ڄامشورو آفيس آڏو  گيس فيلڊ خلاف  اور ھيڊ برج تي احتجاجي ڌرڻو  هنيو  جنهن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون،    قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي  جي اڳواڻن ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو  خدا بخش ٿيٻو ,حق نواز ,خدا بخش خاصخيلي , عمر ابڙو , ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي جو سمورو ڌيان نوري آباد جي زمينن طرف آهي جڏهن ته ضلعي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي، هنن وڌيڪ چيو  ته گئس فيلڊ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بجاء ٻاهر جي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيون آهن،  ڪمپنين مان ملندڙ فنڊ خبر ناهي ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن،  اسان جي علائقن مانجهند تعلقي جي 25 وڏن ڳوٺن ۾ پيئڻ پاڻي جي سهولت ناهي، گئس ناهي، ڊي سي اسان جي هلندڙ تحريڪ دوران واعدا ڪيا ته پيئڻ جو پاڻي ,گئس ڏيڻ سميت مقامي ماڻهن کي روزگار ڏينداسين پرهن مهل تائين ڪجهه به نه مليو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪري رهواسين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.