حب_ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان بي اي پي خضدار جي اڳواڻن جي ملاقات

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياني سان بلوچستان عوامي پارٽي خضدار جي اڳواڻن اخلاق احمد،سردار بلندخان غلاماني،مير احمد خان گنگو، مير جاويد خدراڻي ۽ ٻين ملاقات ڪئي ۽ خضدار جي مسئلن کان آگاهي ڏني، ڄام ڪمال خان چيو ته خضدار جا مسئلا حل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون، خضدار سميت بلوچستان جي سمورن وڏن شهرن کي جلد ئي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏنو ويندو، جنهن سان مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ شهري ترقي ۾ مدد ملندي، هن اسپورٽس ڪمپليڪس، ڪارڊيو اسپتال، شهر لاءِ وڌيڪ ٻن فيڊرز جي فراهمي، آرڪيالاجي ميوزيم جي تعمير، خضدار کان ڪنجهڙ ماڙي روڊ ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ جا مسئلا به جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي،ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل، صوبائي وزير سردار عارف جان محمد حسني، ڪمشنرقلات بشيراحمد بازئي، ڊي سي خضدار ميجر(ر)بشير احمد بڙيچ، ايس ايس پي ارباب امجد ڪاسي به موجود هئا،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.