طالبان حڪومت نه قبولڻ جو مطالبو، پاڪستان سان لاڳاپن جو جائزو وٺنداسين: آمريڪا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير چيو انٽوني بلنڪن آهي ته جائزو وٺنداسين ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان مان ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون.

آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ان وقت تائين قبول نه ڪئي وڃي جيستائين طالبان عورتن کي حق نٿا ڏين ۽ افغانستان مان مرضي تي نڪرڻ واري ماڻهن کي اهڙي اجازت نٿا ڏين.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪي نيڪالي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن.

آمريڪي ايوان جي نمائندن جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي کي بلنڪن ٻڌايو ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ان وقت تائين طالبان جي حڪومت نه قبول ڪري جيستائين اهي افغانستان جي سرزمين کي دهشتگردن جي آماجگاهه بڻجڻ واري واعدي جي پاسداري نٿا ڪن.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو.

هن چيو ته آمريڪا جي مستقبل ۾ پاڪستان سان لاڳاپن جو بنياد ڪهڙو هجڻ گهرجي ان جو جائزو ايندڙ هفتن ۾ ورتو ويندو.

انٽوني بلنڪن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي هدف حاصل ڪيا ويا هئا، وقت اچي ويو هو ته آمريڪا جي ڊگهي جنگ جو خاتمو ڪيو وڃي، طالبان سان معاهدو اسان کي اڳ واري انتظاميا مان مليو، معاهدي تحت افغان حڪومت تي زور ڏنو ويو ته اهي پنج هزار قيدين کي آزاد ڪري، معاهدي تي عمل نه ڪيون ها ته آمريڪي فوج تي حملن جا خدشا هئا.

سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ جا خطرا هيا، افغانستان ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ سان جنگ جي خاتمي جي ڪا به گيرنٽي نه هئي، آمريڪي شهرين جي سيڪيورٽي اسان جي ترجيح رهي آهي، مارچ کان آگسٽ تائين 19 پيغام ۽ ڌمڪيون جاري ڪيون ويون ته آمريڪي افغانستان مان نڪري وڃن.

پرڏيهي وزير ٻڌايو ته مارچ 2020 کان خاص ويزا پروگرام ۾ هڪ به افغان شهري جو انٽرويو نه ورتو ويو، اسان خاص ويزا پروگرام کي وڌايو.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سفارتي مشن شروع ڪيو ويو آهي، اسان افغانستان ۾ موجود آمريڪي ۽ افغان شهرين جي مدد ڪندا رهنداسين، جيڪي آمريڪي ۽ ٻيا شهري افغانستان مان نڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ڪڍيو ويندو.

بلنڪن چيو ته طالبان چيو آهي ته افغان سرزمين شدت پسندن کي استعمال نه ڪرڻ ڏني ويندي، طالبان چيو آهي ته القاعده ۽ داعش افغان سرزمين استعمال نه ڪنديون، اسان خطي ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪندا رهندا سين.

آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هن سال انساني همدردي جي بنياد تي 33 ڪروڙ ڊالرن جي امداد افغانستان کي ڏني پئي وڃي. گذريل هفتي تائين 100 آمريڪي شهرين کي افغانستان ڇڏڻ جو پيغام موڪليو، 60 ماڻهن جي لاءِ جهاز ۾ جڳهه هئي پر ڳو 30 ئي ايئرپورٽ تي پهتا.

هن ٻڌايو ته اشرف غني جي حڪومت کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته افغانستان جو ڀرپور دفاع ڪيو، چين چاهي پيو ته اسان افغانستان ۾ ڦاٿل رهون، ڪابل ايئرپورٽ تي ڪم جاري رهي ان معاملي تي ترڪي ۽ قطر سان رابطي ۾ آهيون.

پاڪستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو جائزو وٺنداسين، گذريل 20 سالن ۽ انکان اڳ به پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو، افغانستان جي مستقبل بابت پاڪستان جو لڳاتار خاص رويو رهيو آهي.

افغانستان لاءِ پاڪستان جي فيصلا ڊگهي نظر وارا هئا، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪيو، پاڪستان جا افغانستان ۾ مٽيل مفاد هجڻ سبب آمريڪي مفادم ۾ برابري نٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.