مٺياڻي ، قمبر ، ڏھرڪي ، ميروخان ۽ دوڙ جون خبرون

مٺياڻي ڀرسان سيھڙا ۾ سيپڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاھرو

قمبر: پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو پاران  سول اسپتال جو اوچتو  دورو

ڏهرڪي : ڳوٺ الله ڏتو موساڻي جي رهواسين پاران اسڪول تي بااثر جي قبضي خلاف احتجاج

ميرو خان: ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازم پگهارون بند ڪرڻ تي ڌمڪيون پيا ڏين: ٽائون آفيسر

دوڙ : بنيادي مسئلن جي شڪايتن کانپوءِ ڊي سي شھيد بينظير آباد پاران  دوڙ شھر جو دورو

مٺياڻي ڀرسان سيھڙا ۾ سيپڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران منير ڪوريجو ۔  ظھير ڪوريجو ۔ واحد بخش سومرو ۔ مجن چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ سھڙا ۾ موتمار گرمي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري اسان سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھيون ۔ بجلي نه ھئڻ ڪري چورين جو آزار پڻ وڌي ويو آھي  جنھنڪري راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، ھنن وڌيڪ چيو ته سيپڪو اختيارين اڳيان دانھيندي ٿڪجي پيا آھيون سندن ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري، ھنن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪرڻ تي  ميٽر ريڊر خالد شيخ ڊڊيڪشن ھڻي ڳرا بل موڪلي پريشان ڪري رھيو آھي ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ سھڙا مان ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڊڊيڪشن بل واپس ورتا وڃن ۔

2

قمبر پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو پاران  سول اسپتال قمبر جو اوچتو  دورو ڪيو ويو، دوري دوران برهان خان چانڊيو  ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرز کان ڊيلي او پي ڊي جا تفصيل ورتا ، گڏوگڏ ڪرونا ويڪسين سنيٽر جو پڻ دورو ڪيو ۽ ويڪسينيٽر کي هدايت ڪئي ته ويڪسين ڪرائيندڙ کي وڌ کان وڌ ريلف ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ، ان موقعي پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو چيو ته پ پ هميشه غريب ماڻهن جي فلاح ۽ بھبود سميت صحت لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون آهن ۽ صحت جا بهترين ادارا ٺاهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي آهي.

3

ڏھرڪي ويجهو ڳوٺ الله ڏتو موساڻي جي رهواسين غلام حسين موساڻي، برڪت موساڻي، عظيم موساڻي، علينواز موساڻي، الهورايو شر ۽ ٻين اسڪول جي شاگردن سان گڏجي احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول آهي جتي ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا پر ڳوٺ جو بااثر وڏيرو شبير احمد موساڻي تعليم دشمني ڪندي سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ تي زبردستي قبضو ڪري اسڪول جي بلڊنگ کي پنهنجي ذاتي اوطاق ٺاهڻ چاهي ٿو جنهن سبب ڪيترائي ٻار تعليم کان محروم ٿي ويندا ڳوڻاڻن حڪومت جي اعليٰ اختارين کي اپيل ڪئي ته وڏيري خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسڪول کي قبضي کان بچايو وڃي

4

ميروخان ٽائون آفيس جي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو چيو آهي ته ڊيوٽيون نه ڪندڙ وائيٽ ڪالر ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون  آهن ته موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پريس ڪلب ميروخان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جاويد مگسي ، سليم لغاري ۽ ٻيا وائيٽ ڪالر ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازم  پگهارون جاري ڪرائڻ لاءِ آفيس ۾ اچي حراسان ڪري رهيا آهن ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا جنهن ڪري سندس جان کي خطرو آهي،  ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو چيو ته ٽائون آفيس ۾ ٽوٽل 410 ملازم آهن جن مان 98 گوسڙو ۽ وائيٽ ڪالر ملازمن  آهن جن جي پگهار بند ڪئي آهي جنهن کان پوءِ وائيٽ ڪالر ۽ گوسڙو ملازم ڊيوٽيون ڪرڻ بدران ڌمڪائي پگهار وٺڻ چاهين ٿا، هن صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙ گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

5

دوڙ ۾ بنيادي مسئلن جي شڪايتن کانپوءِ ڊپٽي  ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامرحسين پنھور اوچتو  دوڙ شھر جو دورو ڪيو،  تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج ۽ اسٽارڪالوني وچ ۾ جڙندڙ چوديواري  جو جائزو ورتو، . جتي پ پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي  ،حاجي ابرارحسين گورچاڻي ۽ ٻين کيس  مسئلن  کان آگاھ ڪيو جڏهن ته  ڊگري ڪاليج جي پرنسپال  پڻ پنهنجو موقف پيش ڪيو جنهن بعد ڊي سي شھيد بينظير آباد اسسٽنٽ  ڪمشنر دوڙ کي مسئلن بابت ڪاميٽي ٺاھي رپورٽ  ڏيڻ جي ھدايت ڪئي ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ صوبائي وزير  صحت ڊاڪٽر عذرافضل پيچوھو جي ھدايتن تي دوڙ شھر ۽ رضا آباد ڪالوني کي ملائيندڙ ريلوي ڦاٽڪ جي مٿان جلد فلاءِ   اوور جوڙھڻ جون ھدايتون مليون آهن اڄ ان ھنڌجو دورو ڪري ريلوي انتظاميا کي  خط  لکي ڪري اين او سي ورتي ويندي ھن وڌيڪ چيو عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهيون.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.