تحريڪ انصاف جيترو قرض ورتو ان جو مثال نٿو ملي: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتن جي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته هر جاءِ تي صاف پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڙهي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم هينڊز جي ڀائيواري سان لڳايل آر او پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته هي پلانٽ ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪندو، ٿر ۾ به پاڻي جو مسئلو آهي، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ٽريننگ سينٽرن ۽ اسڪولن جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي، ملڪ جو ٻيڙو ٻُڏي ويو آهي، جيترو قرض تحريڪ انصاف ورتو ان جو مثال نٿو ملي.

ناصر شاهه چيو ته ايم اين ايز واٽر بورڊ سان صلاح بنا سيوريج لائنون پاڻي جي لائنن سان جوڙي ڇڏيندا آهن، ڪراچي مان ٽيڪس ريڪوري ٿيندي آهي، مرتضيٰ وهاب ٽيڪس وڌائڻ جي ڳالهه نه ڪئي پر منظم طريقي سان وصولي جو پلان ٺاهيو.

هن چيو ته ڊي ايم سي سينٽرل ۾ هاڻ ڪروڙين رپيا سرڪاري ناڻي ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، مرتضيٰ وهاب جي ڪي ايم سي ۾ رهڻ سان ادارو ترقي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.