عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ باوجود ملڪ ۾ اڄ به سون جا اگهه وڌي ويا.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 400 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 342 رپيا مهانگو ٿي 96 هزار 622 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 2 ڊالر گهٽجي هڪ هزار 787 ڊالر في اونس آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ملڪ ۾ سون اگهن ۾ 150 رپيا واڌ ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.