حليم عادل 5 هزارن ۾ ڊيسڪ وٺي اسيمبلي پهچي ويو، نيب کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي پاران 29 هزار جي حساب سان ڊيسڪون خريد ڪرڻ جي معاملي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مارڪيٽ مان 5 هزار رپين ۾ ڊيسڪ خريد ڪري سنڌ اسمبلي پهچي ويو.

حليم عادل شيخ ساڳي ڊيسڪ تي ويهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسٽر ڪلين شيو جيڪو وزير تعليم هو، جنهن 5 اربن جو ٺيڪو ڏئي 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ جو ٽينڊر ڏياريو هو، ٽينڊر ۾ 29 هزارن جي حساب سان 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ساڳي ڊيسڪ ڪراچي جي لوڪل مارڪيٽ مان آئون 5 هزار ۾ خريد ڪري آيو آهيان.

هن چيو ته تعليم کاتي پاران 3500 واري ڊيسڪ پڻ 23 هزارن ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، تعليم کاتي پاران ڳري اگهه تي ڊيسڪون خريد ڪري ٽن اربن جي لڳ ڀڳ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو ٿورائتو آهيان، جنهن نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ خط لکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته موجوده وزير تعليم کان سنڌ اسمبلي فلور تي به ڊيسڪن جي خريداري بابت سوال ڪيو ويو پر ڪو به جواب نه ڏنو ويو، وزارت جا رڳو چهرا مٽايا وڃن ٿا باقي ڪرپشن هڪ طئي ٿيل پلان تحت ڪئي پئي وڃي، ڊيسڪ جي ڪرپشن جي پئسي مان بلاول زرداري جي ناشتي جو بل ڏنو ويندو آهي.

حليم عادل شيخ چيو ته اعليٰ عدليا ۽ نيب کان گهر ڪريون ٿا ڊيسڪ جي خريداري تي ٿيندڙ ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي.

واضح رهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ان معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي کيس شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾ مبينا طور تي اها ڊيسڪ 320 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي خريد ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي.

خط ۾ وڏي وزير کي چيو ويو آهي ته لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.