گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: شوڪت ترين عوام کي سُٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، مهانگائي وڌڻ جي رفتار ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته اسان کي ماڻهن جي آمدني وڌائڻي آهي، احساس پروگرام تحت اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين تي هن مهيني ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين.

هن چيو ته ڪورونا وبا ۽ گهرج ۽ پهچ ۾ وقفي سبب عالمي سطح تي مهانگائي ٿي، 450 ملين ڊالرن جي ويڪسين درآمد ڪئي وئي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، واپاري خسارو ڪنٽرول ۾ رهندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پهرين آڪٽوبر کان بجلي اگهه وڌندا يا نه ڪو علم ناهي، حڪومت 10 ادارن ۾ بهتري آڻي انهن جي نجڪاري ڪندي، وزارتن وٽ انهن ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، ان مقصد لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ بورڊ قائم ڪيو ويندو.

شوڪت ترين دعويٰ ڪئي ته اٽي جي اگهه ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽتائي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.