واندڪائي به وڏن خطرن جو سبب بڻجي سگهي ٿي

 

زندگي ۾ تمام گهڻي مصروفيت به ماڻهو کي ٿڪائي وجهندي آهي ۽ ان جي لاءِ ڪجهه وقت واندو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته جيئن جسماني ۽ ذهني طور تي صحتمند رهي سگهجي.

واندڪائي ۾ ماڻهو گهڻي قدر يا ته ننڊ ڪندو رهندو آهي يا وري ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو آهي، گهڻي ننڊ به انسان جي صحت لاءِ گهڻي نقصانڪار آهي ۽ ذهني سوچون به انسان جي شخصيت ۽ زندگي تي گهڻا اثر پوندا آهن.

پر صحت جي ماهرن گهڻي واندڪائي کي به وڏو نقصانڪار قرار ڏنو آهي.

تازو ئي آمريڪا جي پنسلوانيا يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته سڄي ڏينهن ۾ ساڍي ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ واندڪائي ذهن تي ناڪارا اثر ڇڏيندي آهي ۽ 7 ڪلاڪن تائين واندو ويهڻ سان ماڻهو پنهنجو پاڻ ئي خراب محسوس ڪرڻ لڳندا آهن.

تنهن هوندي به جن کي واندڪائي مان بيزاري ناهي ٿيندي انهن کي ذهني پريشانين سان منهن ڏسڻو پوندو آهي ۽ اهي ذهني طور تي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ عام ورتاءُ ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا.

ماهرن موجب اسان واندڪائي ۽ خوشي جي وچ ۾ هڪ لاهي چاڙهي تي ٻڌل لاڳاپن کي ڳوليو آهي، جيڪڏهن واندڪائي جو وقت تمام گهٽ آهي تڏهن به ناڪاري اثر پيدا ٿيندا آهن ڇو ته ماڻهن کي پريشانين ۽ چِڙ سان به منهن ڏيڻو پوندو آهي.

پر وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو گهڻو وقت واندو گذاريندو آهي تڏهن به ان جي شخصيت ۽ خوشي تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته بنيادي طور تي واندڪائي جو وقت تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جيڪڏهن انکي ڪنهن ايجادي يا تعميري مقصدن لاءِ استعمال ڪجي ته ڪنهن جي به شخصيت تي خوشي وارا اثر پئجي ويندا آهن.

تحقيق ۾ 21 هزار کان مٿي ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو جن کي 2012 ۽ 2013 دوران هڪ سروري جو حصو بڻايو ويو، انهن ماڻهن کان گذريل 24 ڪلاڪن جو تفصيلي احوال ورتو ويو ۽ انهن کان پنهنجي ذهني حالت جي بابت رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو.

ماهرن کي تحقيق مان خبر پئي ته واندڪائي ۾ 5 ڪلاڪ گذارڻ سان ماڻهن ۾ خوشي جو احساس گهٽجڻ لڳندو آهي.

ان تحقيق موجب جن ماڻهن کي تمام گهٽ يا تمام گهڻي واندڪائي هوندي آهي اهي ذهني طور تي بدترين اثر محسوس ڪندا آهن جڏهن ته وچٿرو وقت گذاريندڙ جو ذهني دٻاءُ گهٽ هوندو آهي.

ماهرن ان ڳالهه کي به قبول ڪيو ته اها تحقيق ڪجهه حصن جي حوالي سان محدود هئي جنهن مان اهو به ضروري ناهي ته گهڻو وقت واندڪائي ۾ رهڻ جو سڀني ماڻهن تي ساڳيا ئي اثر پون، سڀ ڪنهن جي ذهني سوچ ۽ واندڪائي ۾ گذاريل وقت الڳ الڳ نوعيت جو هوندو آهي ۽ انهن جي ذهن تي انهن جي سوچ جي حساب سان وڌيڪ اثر پوندا آهن.

تحقيق جا نتيجا ماڻهن جي تاثرن ۽ خيالن تي ٻڌل هيا تنهنڪري اهو به ضروري ناهي ته سڀني ماڻهن کي ئي اهڙي تجربن مان گذرڻو پوي پر تنهن هوندي به اها هڪ واضح ڳالهه آهي ته واندڪائي جا صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.