پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 فوتگيون، 2580 نوان ڪيس رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 78 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 2580 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 47 هزار 419 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 2580 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وڌيڪ 78 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح تقريبن ساڍا 5 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪُل انگ 26 هزار 865، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 10 هزار 82 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 7240 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 97 هزار 416 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 85801 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.