حڪومت جو ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اين سي او سي جو اجلاس سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ اندر ڪورونا صورتحال جو تفصيلي طور جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا جي صورتحال کي سامهون رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 16 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، تعليمي ادارن کي 50 سيڪڙو حاضري سان کوليو ويندو ۽ متبادل ڏينهن ڪلاسون ٿينديون.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا پکيڙ وارن ضلعي کي ڇڏي سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته رات 12 وڳي تائين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، ويڪسينيٽڊ ماڻهن سان 200 ماڻهن جي ان ڊور تقريب جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور 400 ماڻهن کي تقريبن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب آفيسن ۾ مڪمل حاضري ۽ نارمل وقت لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سئنيما گهر بند رهندا، ڪراٽي، باڪسنگ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ واٽر اسپورٽس تي به پابندي برقرار رهندي پر ويڪسينيٽڊ ماڻهن لاءِ 50 سيڪڙو صلاحيت سان جمز کليل رهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايون وينديون، جڏهن ته ٻاهرين ملڪن کان پاڪستان ايندڙن لاءِ سفري پاليسي برقرار رهندي.

اين سي او سي موجب ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارن ضلعن ۾ صورتحال جو ٻيهر جائزو 21 سيپٽمبر تي ورتو ويندو ۽ وڌيڪ فيصلا صورتحال کي ڏسندي روز جي بنياد تي جائزي اجلاس ۾ ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.