وزيراعظم کان مدد جي اپيل، عمر شريف جي واهر سنڌ حڪومت ڪري ورتي

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي علاج لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ علاج لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي رقم به جاري ڪري ڇڏي.

ناڻي کاتي سنڌ جي نوٽيفڪيشن موجب عمر شريف عمر شريف جو آمريڪا مان علاج ڪرائڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، انکانسواءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست به ڪيو ويو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمر شريف جي پُٽ جواد عمر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب والد جي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، اميد ته والد جلد علاج جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويندو.

جواد عمر چيو ته والد جي صحتيابي لاءِ دعائون ڪرڻ تي سندس مداحن جو ٿورائتو آهيان.

ٻئي پاسي ذريعن چيو آهي ته عمر شريف جي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي لاءِ اڄ ويزا ملڻ جو امڪان آهي.

هوڏانهن عمر شريف جي ڊاڪٽر ۽ ناليواري اداڪارا ريما جي مڙس طارق شهاب چيو آهي ته عمر شريف جي علاج ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو.

ريما طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته مونکي پنهنجي مڙس طارق شهاب تي فخر آهي جنهن عمر شريف جي ان هاءِ رسڪ پروسيجر لاءِ حامي ڀري ۽ آمريڪا آڻڻ جي انتظامن ۾ ان جي گهروارن جي به مدد ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته عمر شريف جي طبيعت گذريل ڪجهه ڏينهن کان خراب آهي، هو دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن هن وزيراعظم عمران خان کان مدد جي اپيل ڪندي هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي ان وڊيو جي حوالي سان هن وقت تائين وزيراعظم جو ڪو بيان به نه آيو آهي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت طرفان عمر شريف جي علاج لاءِ هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙي وئي جيڪا جاچ ڪري ها ته ڇا ان جو علاج واقعي ٻاهرين ملڪن مان ٿي سگهي ٿو.

جڏهن ته وفاقي وزير فواد چوڌري ان حوالي سان بيان به ڏنو هو ته عمر شريف لاءِ وزيراعظم جي هدايتن تي ميڊيڪل بورڊ جوڙي آهي اهي طئي ڪندي ته سندس علاج ڪٿي ممڪن آهي

پنهنجي ئي اهڙي بيان جي پٺيان وري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمر شريف جو علاج پاڪستان مان به ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.