لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شاهل خان عمراڻي جي رهواسي پورهيت بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان نظير علي عمراڻي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2012ع ۾ ملڪيت جي معاملي تان منهنجي بااثر چاچن حبيب الله عمراڻي، ڪريم بخش، رضا محمد سندن پٽن، ڀيڻويي غلام حيدر، مائٽ غلام مصطفيٰ عمراڻي سميت دوست علي ڏنو شر ۽ ٻين ڀيڻ مسمات نوربانو کي گهر اندر گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو هو ساڳين ئي جوابدارن گذريل 22 جولاءِ تي سئوٽ اياز علي عمراڻي کي ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو هو اهڙي واقعن جا ڪيس اسان الڳ الڳ حد جي آريجا ڦيڙو ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايا آهن پر افسوس جو پوليس هن وقت تائين جوابدار ڌر خلاف ڪائي به ڪاروائي ناهي ڪئي. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته منهنجي والد عبدالرحيم ۽ چاچي رحمت الله عمراڻي جي نالي تي ديھه مياڻي نهال ۾ 14 جريب زرعي زمين آهي جنهن زمين تي پڻ مٿين جوابدارن زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀيڻ ۽ سئوٽ جي قتل ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.