اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ ۾ واٽر سپلاءِ خراب، آر او پلانٽ ناڪارا، احتجاج

اسلام ڪوٽ(ت،ر) اسلام ڪوٽ ڀرسان وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ وڪڙيو جا رهواسي پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ سخت پريشاني جو شڪار آهن،ڳوٺ کي مليل واٽرسپلاءِ جي اسڪيم به ناڪارا ٿيڻ بعد رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ دربدر ٿي ويا آهن،ڳوٺ ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳايل ست آر او پلانٽ به چئن سالن کان مڪمل خراب پيل آهن،کوھ سُڪي وڃڻ ڪري پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويئي آهي،ڳوٺاڻن پاران پبلڪ هيلٿ کاتي جي اختيارين کي بار بار دانهن ڏيڻ جي باوجود ڪنهن به ڌيان ناهي ڏنو،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺ جي رهواسين ياسر جنجهي،ساحل جنجهي،متارو خان،سمش،اويس جنجهي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جو ڳوٺ 10 هزار آبادي تي مشتمل آهي،جنهن ۾ کاري پاڻي لاءِ 15 سال اڳ واٽرسپلاءِ جي اسڪيم لڳي هئي اُهو هيئنر ناڪاره بڻجي ويئي آهي،ڳوٺ ۾ ست آر او پلانٽ لڳايا ويا اُهي بند پيا آهن،اسان پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر ٿي ويا آهيون،گذريل سال ڳوٺ ۾ 2 ڏيڊ سال اڳ ۾ پاڻي کوٽ بابت لڳل خبرن جو عدالت سڳوري نوٽيس ورتو هو ۽ سپريم ڪورٽ جي پاڻي بابت جوڙيل ڪاميٽي به ڳوٺ اچي وزٽ ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي کي هدايت هئي ته مهيني اندر مسئلو حل ڪيو وڃي،اُنهي بعد اڄ تائين پبلڪ هيلٿ کاتي اُن تي عمل ناهي ڪيو،ڳوٺاڻن موجب ته اسان کان انتظاميا 20 لک روپيا گهريا آهن ته يا پئسا ڏيو نه ته ڪنهن سياسي نمائيندي کان سپورٽ ڪرايو،هنن موجب ته زندگي جي اهم ضرورت پاڻي آهي،پاڻي جي سهوليت به سياسي بنيادن تي ڏني ٿي وڃي،اگر ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو مخالف ويٺل آهي ته اُنهي کي پاڻي جي ڪا به سهوليت نه ٿي ڏني وڃي،هي ڪهڙو انصاف آهي،انتظاميا به جيئن حڪمران جماعت جا نمائيندا چون تئين ٿي ڪري،اسان جي ڳوٺ ۾ انسانن سميت جانور پيئڻ جي پاڻي جي ڦُڙي لاءِ پريشان آهن،دانهي ٿڪجي پيا آهيون،دانهن ٻُڌڻ وارو ڪير ناهي،هنن چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پاڻي جي سهوليت ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.