باقراڻي لڳ شاگردن جو يونيورسٽي انتظاميا خلاف ڪئمپ لڳائي ڌرڻو

باقراڻي ( رپورٽ: احمد شيخ )   شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو آريجا ڪئمپس جي بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران يونيورسٽي انتظاميا خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊس کڻي يونيورسٽي گيٽ کي تالا ھڻي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويهي رهيا ، پوائنٽ بس سميت ٻين گاڏين توڙي اسٽاف کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو ، ان موقعي تي نرسنگ  جي شاگرد عبدالڪريم جسڪاڻي ، عنايت بنگلاڻي ، امان الله خشڪ ، عامر سهيل نوناري ، نجمس ثاقب پٺاڻ ، شبنم چانڊيو ، عابده ، پرءَ سيال ، صنم چانڊيو ، سلما چانڊيو ، اياز زھري ، لقمان شاھ ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ چانڊڪا ڪيمپس آريجا جي امتحاني ڪنٽرول جتي ايم بي بي ايس ، فارميسي ۽ بي ڊي ايس وارن کان سيمسٽر جا امتحان ورتا آهن اتي نرسنگ جي شاگردن جا امتحان وٺڻ کان لنوائي رهي  آهي ، اسان ٽي سال گذرڻ باوجود اڃان تائين فرسٽ ايئر ۾ آھيون اسان جا 2 سال زيان ڪيا ويا آهن ،  ڪورونا سبب اڳ ئي تعليمي ادارن جي بند هجڻ ڪري شاگردن جو گهڻو نقصان ٿيو آهي جنهن ڪري ڪيترن ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن شاگردن جي مستقبل ۽ وقت بچائڻ لاءِ انهن کي پروموٽ ڪيو آهي پر بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي انتظاميا ادارو بند ڪري ننڊون ڪندي رهي جنهن سبب اسان جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ھنن چيو ته نرسنگ جي ڪاليجن ، لمس ، جناح ، ڊائو ۽ ٻين ڪاليجن ۾ آن لائين ۽ فزيڪل امتحان وٺي شاگردن جو وقت بچايو آهي،هوڏانهن ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وائيس پرنسپال نظير احمد ٻرڙو چيو ته پرنسپال جي مشاورت بعد شاگردن وٽ پهچي سندن سمورا خدشا ختم ڪيا ويا آهن ، ھن چيو ته مرحلي وار سندن سمورا مطالبا حل ڪيا ويندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.