بااثرزمين جو پاڻي بند ڪري گذر سفر جو ذريعو کسڻ چاهي ٿو: آبادگار

گھوڙاٻاري (ن ع آ ) ديھه گھاٽو جو آبادگار ڳوٺ سومار بلوچ زنگياڻي جو رھواسي محمد يوسف زنگياڻي ڀائيٽي عبدالرحمان زنگياڻي سميت عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي سروي زمين ديھه گھاٽو ۾ واقع آھي جنھن جو بااثر پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي مون غريب سان سراسر ظلم ٿي رھيو آھي ھن چيو ته بااثر منھنجي زمين مان ھٿيارن جي زور تي زبردستي واٽر ڪڍي ويو آھي جنھن ڪري منھنجو تمام وڏو نقصان ٿي رھيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن عملو بااثر زميندار سان مليل آھي جنھن جي جاچ ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي ھن چيو ته بااثر زميندار منھنجو  پاڻي بند ڪري منھنجي ٻچن جي گذر جو ذريعو به مون کان کسڻ چاھي ٿو ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته زمين جو پاڻي گھرڻ تي بااثر موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي جنھن مان ھن کي جان جو خطرو آھي ھن روينيو جي اعلی اختيارين سميت ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندي چيو ته مون غريب جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.