ايڇ بي ايف سي طرفان ڊائويونيورسٽي جي ملازمن لاءِ مالي مدد جو اعلان

ڪراچي (پ ر) هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني، ڊائو يونيورسٽي جي ملازمن لاءِ سولي ۽ منفرد شرطن تي گھر ن جي اڏاوت ۽ خريداري لاءِ 300 ملين رپين تائين جي مالي مدد ڏيندي.اھو اعلان ايم او يو سائن ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو ويو.صحيحون ڪرڻ واري تقريب ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس چانسلر جي بورڊ روم ۾ ٿي. فيصلو ڪيو ويو ته هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني ڊاؤ يونيورسٽي جي57 سالن جي عمر تائين جي مستقل يا ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مالي مدد فراهم ڪندي .وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي چيو ته ڊائو يونيورسٽي نه ر ڳو طبي تعليم جي لحاظ کان قابل اعتماد آهي پر اهو هڪ مڪمل صحت جو نظام آهي جيڪو سڄي ملڪ ۾ مريضن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي. ڊائو يونيورسٽي پڻ پنھنجي ملازمن جي فلاح لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. اسڪيم جو بنيادي مقصد تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن ڊائو يونيورسٽي جا ملازم ان موقعي مان فائدو کڻندا. ڊائو ملازمن کي مائي پاڪستان، ميراگھر اسڪيم ، گھرپاڪستان اسڪيم ، ھوم پاڪستان پلس اسڪيم ، گھر سھو لت اسڪيم  سڄي پاڪستان  ۾ مهيا ڪئي وئي آھي. اسڪيمن ۾ اسپيشل پيڪيج ذريعي منفرد ۽ نرم شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويندا. صحيحون ڪندڙ آفيسرن تقريب جي آخر ۾ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي.ان موقعي تي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي ، رجسٽرار ڊاڪٽراشعر آفاق ۽ سينئر ليگل ڪائونسل نعمان قادري. هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي گروپ هيڊ بزنس اينڊ آپريشنز آفيسر ، فيصل مراد ، مينيجر ڪارپوريٽ بزنس ڊولپمينٽ مينيجر ناصر عباس ۽ برانچ مينيجر ڪراچي ٽو نديم ڪمال پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.