جيڪب آباد ۾ منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا

جيڪب آباد (ڊر)  جيڪب آباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار شيخ جي عدالت منشيات رکڻ جو جرم ثابت ٿيڻ تي ٻن ملزمن شهزادو دايو، ۽ محب کوسو کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جرمانو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ملزمن کي وڌيڪ هڪ سال سزا ڪاٽڻي پوندي، واضح رهي ته سي آءِ  اي پوليس 4 آگسٽ 2021 جي دوران عيد گاھ جي ويجهو ڪارروائي ڪندي منشيات سميت ملزمن کي گرفتار ڪيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.