شاهه پور چاڪر کان ٻرهون روڊ تباهه، شهري ايڪشن ڪميٽي پاران ڌرڻو

شاهه پور چاڪر  ( رپورٽ: غلام قادر پپو ميمڻ ) شاهه پور چاڪر کان ٻرھون روڊ ھنڌان ھنڌان ٽٽي  تباھ ٿي وڃڻ  ۽  انتظاميا جي لاپرواهي جي خلاف ٻرھون شھري ايڪشن  ڪميٽي پاران سنڌ جي صوفي راڳي مانجھي فقير جي پٽ صوفي راڳي منصور مانجھائي فقير بوداڻي، امداد علي خاصخيلي مختيار  احمد بوداڻي، ڏھيو ڀيل، ملازم علي بوداڻي جي اڳواڻي ۾سوين ڳوٺاڻن جو ٻرھون کان پريس ڪلب شاهپور چاڪر تائين احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي هنن چيو ته  شاھپوچاڪر ،ٻرھون وايا شھداپور  28 ڪلوميٽر روڊ جيڪو 2011ع جي  مھا طوفاني برساتن ۾ مڪمل تباھ ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ھتي جي ھزارين آباديءَ  لاءِ آزار آهي ٽي يونين ڪائونسلون جنھن ۾ يونين ڪائونسل ٻرھون ، يونين ڪائونسل اصغر آباد يونين ڪائونسل شھلي نظاماڻي جي سوين ڳوٺن جن جي 70 ھزار آبادي جي شاهپورچاڪرکان شھدادپور ڏانھن اچ وڃ جو واحد روستو آھي،  روڊ تي وڏا ڳوٺ بچل باگراڻي ، ڳوٺ غلام شاھ ڳوٺ خيرو سنجراڻي ،ڳوٺ لال بخش لاشاري ڳوٺ بيگما اچن ٿا  گذريل سال ڳوٺ  بوداڻي جي رھواسي سنڌ جي ڀلوڙ صوفي راڳي مانجھي فقيربوداڻي جنھن خود يڪتارو کڻي صوفي راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو ھو مگرحڪومت ۽ انتظاميا جي ڪن  اڄ تائين  ڪا جؤن  به ڪان چري آهي، علائقي جي ڳوٺاڻن سنڌ  حڪومت کان روڊ ٺهرائڻ جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.