ٽنڊي ڄام ۾ يونيورسٽي ملازمن جو سڪرنڊ جي ملازمن جي حق ۾ احتجاج

ٽنڊو ڄام( ن ع آ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازم تنظيم شھباز قلندر فورم پاران سڪرنڊ وٽرنري يونيورسٽي جي ملازمن جي حمايت ۾ احتجاج، سڪرنڊ وٽنري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران ملازمن کي کنڀي گم ڪرڻ جون ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا، صدر اصغر خاصخيلي رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازم تنظيمشھباز قلندر فورم پاران وٽرنري يونيورسٽي جي ملازمن جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملازمن يونين آفيس اڳيان گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري کي خطاب ڪندي اصغر خاصخيلي، غلام رسول وسطڙو، محسن مگسي عثمان ميرجت ۽ ٻين چيو ته وٽرنري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مٿان وري مبينا ملازم تنظيم جي عهديدارن کي کنڀي گم ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اسان اهڙي ڪڌي عمل جي مذمت ڪريون ٿا وٽرنري يونيورسٽي جي ملازمن کي ڪجهه به ٿيو ته وائيس چانسلر مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو، هنن وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ملازم دشمن وائيس چانسلر کي فوري طور هٽايي موزمن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي..!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.