ٽنڊي حيدر لڳ فورم جو مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو اعلان

ٽنڊو حيدر ( ت ر) ٽنڊي حيدر لڳ ڳوٺ جهنڊو کوسو ۾ عبدالحڪيم کوسو جي رهائش گاه تي انسان دوست گروپ جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ پروفيسر ڪي ڊي پرهياڙ ۔ سيد سعيد محمد شاه ۔ عبدالحيڪم کوسو ۔ نظير احمد زنئور شير خان ڀرڳڙي عاشق حسين شاه امتياز احمد ٿيٻو شير خان کوسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏنهن ته  حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ ٿيندڙ مسئلن تي روشني وڌي ، جڏنهن ته اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو ته پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ منشيات بلدياتي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ اسپتالن ۽ اسڪولن تي پڻ غور ڪيو ويو علائقن ۾ بند پيل اسڪول اسپتالن ۽ ٽنڊي حيدر ۾ گرلز ڪاليج گرلز هائي اسڪول حيدرآباد شيخ ڀرڪيو روڊ کي ڊبل ڪرڻ ۽ سالانه ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن کي روڪڻ سوئي گيس بجلي جي نظام ۾ بهتري لاء گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاء اتفاق ڪيو ويو جڏنهن ته  ابتدائي شروعات ۾ عبدالحڪيم کوسو  پروفيسر ڪي ڊي پرهياڙ سيد سعيد محمد  شاه نظير احمد زنئور شير خان ڀرڳڙي آصف رضا کوسو امتياز کوسو تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.