ڏهرڪي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ، ماٿيلي ۾ ريلي

ميرپورماٿيلو (  ت ر ) ڏھرڪي سرڪاري اسپتال ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف جاري تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ميرپورماٿيلو ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري مھراڻ ڪلب کان ريلي ڪڍي مرڪزي وائيس چيئرمين عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن پاران ڊي ايڇ او گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو ۽ ڊي ايڇ او خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي عبدالفتاح سميجو خطاب ڪندي چيو ته ڏھرڪي اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر آھن ۽ نه ئي علاج ۽ دوائون آھن، ايتري قدر جو حادثن ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ ايمبولينس به ميسر ناھي،ڪروڙين روپيه بجيٽ ھئڻ باوجود اسپتال مان مسڪين عوام کي ٽڪي جو فائدو ناھي ملي سگھيو، ھنن چيو ته سڀيئي ڪامورا سياسي بنيادن تي مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪي عوام جي خدمت لاءِ نه پر چونڊيل نمائندن کي ڪمائي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آھن، ھن چيو ته عوام ڪيڏي به تڪليف ۾ ھجي ۽ ڪيتريون احتجاجون ٿين پر پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سندن چونڊيل نمائندہ بيحس آھن، کين عوام مٿان ڪو رحم به نه ٿو اچي، ايم ايس صادق شاھ کي فوري طور ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي ٻي صورت ۾ 21 سيپٽمبر تي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو چتاءُ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.