سجاول ضلعو ٿيڻ باوجود رهواسين کي بنيادي سهولتون نه مليون

دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) سجاول ضلعو ٿيڻ باوجود سمورين بنيادي انساني سهولتن کان محروم بڻيل، انوکي ضلعي سجاول جو نظام جڳاڙ تي ھلڻ لڳو، ست سال گذرڻ باوجود ضلعي آفيسون بہ تعمير نہ ٿي سگھيون آھن، ضلعي ۾ مقرر ٿيل آفيسر ۽ عوام ٻئي آزار ۾ آيل. سنڌ سرڪار طرفان  12 آڪٽوبر 2013 تي تعلقي سجاول کي ضلعو بنائڻ جي اعلان بعد 18 آڪٽوبر 2013 تي ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي ضلعن ۾ ھڪ وڌيڪ ضلعي سجاول جو اضافو ڪيو ويو. پر شايد پيپلز پارٽي جي حڪومت کان سجاول کي ضلعي واريون سھولتون ڏيڻ وسري ويو آھي. سجاول کي ضلعو ٺهندي ست سالن جو ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي پر اڃان تائين لاڙ پٽيءَ جي پٺتي پيل عوام کي تعليم ، صحت، صاف پاڻي، مناسب روزگار، روڊن رستن، بجلي سميت ڪي به ضلعي واريون سهولتون نه ملي سگهيون آهن ۽ نه ئي انفرااسٽرڪچر جڙي سگهيو آهي. حڪومت پاران صرف ضلعي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا. پر انھن جي لاءِ آفيسون ۽ رھڻ جي جڳھ جو بندوبست انھن کي خود ڪرڻو پوي ٿو. ضلعي آفيسرن ايس پي ، ڊپٽي ڪمشنر ، اي ڊي سي سميت ڪنهن به ضلعي آفيسر جي رهائش گاھ تہ تعمير نه ٿي سگهي آهي پر انھن جون پنھنجون آفيسون بہ ستن سالن جي ڊگھي عرصي دوران تعمير نہ ٿي سگھيون آھن.ڊي سي سجاول جي رهائش ۽ آفيس اي سي سجاول جي رهائش گاھ ۽ آفس ۾ قائم ٿيل آھي. مختيار ڪار جي رهائش گاھ کي ايس ايس پي هائوس ۾ بدلايو ويو آهي پر اھا جڳھ بہ رھڻ جي قابل نہ ھئڻ ڪري ايس پي ديوان شگر مل تي ٺھيل پرائيويٽ بنگلن يا پنھنجن ذاتي گھرن ۾ رھڻ کي ترجيع ڏئي ٿو. جڏھن ته ايس ايس پي سجاول جي آفيس سجاول ٿاڻي ۾ قائم ٿيل آھي. جنھن کي ھاڻي ايس پي آفيس ئي سڏيو وڃي ٿو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفس مختيار ڪار آفس ۾ ٺاهي وئي آهي، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جون آفيسون پڻ ٻين کاتن جي آفيسن تي قبضو ڪري ٺاهيون ويون آهن. ڊي اي او ايجوڪيشن ۽ ٽي اي او ايجيوڪيشن جون آفيسون وري ھاء اسڪول سجاول جي ڪجھ ڪمرن تي قبضو ڪري ٺاهيون ويون آهن. تازو خزاني  واري پڻ آفس ڪرائي جي جڳھ ۾ قائم ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.