سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، مريض دربدر

دڙو: 7 لک 81 ھزار 9 سو 67 انساني آبادي واري ضلعي سجاول جي عوام جي علاج لاء ضلعي جي وڏي ۾ وڏي اسپتال کي سول اسپتال جو درجو ملڻ باوجود ڪيترن ئي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي. عام سرجري ۽ عورتن کي ٻار ڄڻڻ لاءِ ٿيندڙ  آپريشن جي لاءِ بہ ٺٽي وڃڻو پوي ٿو. جڏھن تہ سجاول ضلعي جي  ٻين تعلقن جاتي، ميرپوربٺورو، شاھبندر جي تعلقه اسپتالن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن جا انتظام غير سرڪاري مرف“ اين جي او جي حوالي ٿيڻ بعد اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي نه هجڻ سبب ريفر سينٽر طور سموري سنڌ ۾ مشهوري ماڻي رهيون آهن. سجاول سميت پوري ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ آپريشن ٿيٽر بند پيل آهن ۽ سرڪاري پگهار سان گڏوگڏ خانگي ڪلينڪون هلائيندڙ ڊاڪٽرياڻيون ٻنهي ھٿن سان پنهنجن خانگي ڪلينڪن تي غريب ڳورهارين عورتن جا ويم ۽ آپريشن ڪري ساليانو ڪروڙين روپيه ڪمائي رهيون آهن. صحت کاتي جي ناقص ڪارڪردگي سبب پوري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليو جا ڪيس بہ ھتي سجاول ضلعي ۾ ظاھر ٿين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.