عمرڪوٽ ۾ نوجوان جي قتل خلاف بک هڙتال

عمرڪوٽ ( ڊ ر) عمرڪوٽ شھر چانيھا پاڙي ۾ ويھ مهينا اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان شرافت راجپوت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ شھرين پاران عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتال ڪئمپ تي پھرين ڏينھن شرافت راجپوت جي والد لياقت راجپوت، ڀاءُ عدنان راجپوت سميت شھيد شرافت راجپوت ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن حاجي ساند، گل بجير، عبداللّه کوسو، سومار قادري بجير،  عبدالغني ھاليپوٽو، ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، ڪامريڊ پمون مل ميگھواڙ، مدن گوپال، نرمل ميگھواڙ، امتياز کوسو، سردار ڀيو، مھر علي سمون، غلام مصطفي مھر، خالد حسين راجپوت، فقير محب منڱريو، خالد آرائين، ايڊووڪيٽ لالا ڀيل، ميھار بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين ۽ سياسي توڙي سماجي اڳواڻن پاران علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ويھ مهينا اڳ شهر جي وچ بازار ۾ هڪ منشيات فروش  جوابدار، پورھيت ڳڀرو نوجوان شرافت راجپوت کي گوليون هڻي سرعام قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويو. واقعي کي 20 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اڃان تائين عمرڪوٽ پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل مُک جوابدار رفيق ملاح کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جيڪو پوليس جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي. هنن چيو ته عمرڪوٽ پوليس توڙي چونڊيل نمائندا رڳو آسرا ڏئي رهيا آهن ۽ قاتل آزاد گهمي رهيو آهي. ھنن چيو ته شرافت راجپوت جي قاتل رفيق ملاح کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اڄ کان شروع ڪيل بک ھڙتال جوابدار جي گرفتاري تائين جاري رهندي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور شھيد شرافت راجپوت جي قاتل رفيق ملاح کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.