قلندر تي وڏي انگ ۾ شاهينگ لٿل، سامان نڪرڻ جي وڊيو وائرل

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ شھر ۾ درگاھ قلندر جي مک روڊن تي شھر ۽ زائرين جا کيسا ڪٽجڻ ۽ موبائل فونون نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي جڏھن ته جيب ڪترن جي ھڪ نجي ريسٽ هائوس ٻاھران لڳل سي سي ڪئيمرا جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنھن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 3 جيب ڪترا سرعام ڏينھن ڏٺي جو درگاهه روڊ تي ھڪ زيارتي جي کيسي مان موبائل ڪڍڻ بعد روانو ٿي رهيو آهي ۽ ھڪ ٻيو جيب ڪترو ان جي چوڪيداري ۽ ٽيون جوابدار موبائل نڪرڻ بعد زائرين کي سندن گاڏي ۾ ويھاري رھيو آھي ٻئي طرف سيوھڻ پوليس خاموشي جي ننڍ ستل آھي ڪيترن ئي ايندڙ پانڌيئڙن جي کيسن کي ٻھاري ڏيڻ ۽ موبائل فونون نڪري وڃڻ روز جو معمول بڻيل آھي ان سلسلي ۾ شھرين ۽ زائرين آئي جي سنڌ,  ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته جيب ڪترن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زائرين ۽ شھرين کي نقصان کان بچايو وڃي ۽ نااھل پوليس خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.