ڪوٽڙي ۾ شهرين جو حددخلين خلاف مظاهرو

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي جي ميونسپل ٻولهاڙي جي  علائقي غريب آباد ڪالوني جي رهواسين جو گهٽين ۾ حد دخلين خلاف حتجاج، غريب آباد واسي وزير علي ٿيٻاٽي، گل محمد ابڙو، عارب ٿيٻاٽي، غلام حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علائقي واسين ميونسپل انتظاميا ۽ بااثرن خلاف مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران علائقي واسين جو چوڻ هيو ته  بااثر ماڻهن گٽرن جي مين هولن ۽ گٽر لائينن تي قبضا ڪري ورتا آهن. گٽر لائينن تي اڏاوتن سبب پاڻي جو نيڪال بند ٿي ويو آهي، علائقو گندگيء جو ڍير بڻجي ويو آهي، ميونسپل ٻولهاڙيء جي انتظاميا بااثرن سان مليل آهي. رهواسين مطالبو ڪيو ته مين هولن تان قبضا ختم ڪرائي علائقي جي صفائي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.