کهڙا ۾ صوفي بزرگ صاحبڏني سومري جي 25 ورسي، ڀيٽا پيش

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ استاد حاجي صاحبڏنو سومرو يادگارڪاميٽي طرفان ناليواري تعليمندان بزرگ هستي حاجي صاحبڏني سومري جي 25 ورسي ملهائي وئي سومرا هائوس تي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ناليواري شاعر ليکڪ عبدالرزاق اڄڻ. عبدالحڪيم شر. نديم علي مغل. استاد حليم الله سومري. نعمت الله سومري. محمد موسي’ سومري. اويس احمد سومري. صفي الرحمان سومري. مولانا نديم احمد کهڙي. عبدالڪريم شر. دودي خان سومري ۽ ٻين استادن. صحافين. سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري سندس علمي ۽ ديني خدمات تي روشني وڌي ۽ ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حاجي صاحبڏنو سومرو صاحب هڪ بهترين تعليمندان. تعليمي ماهر استاد ۽ بزرگ هستي الله جو نيڪ ٻانهو هو ان جون تعليمي ۽ ديني خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. هو جسماني طور جدا ۽ روحاني طور اڄ به گڏ آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.