سنڌ ۾ عورتن لاءِ ٻين صوبن کان بهتر قانون آهن:تنزيلا قمبراڻي

ڪراچي( رپورٽ: ماريا اسماعيل) ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾  عورت فائونڊيشن پاران عورت اسمبلي ميمبرن ،وڪيلن ۽ سماجي ڌرين جي ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جي آءِ ٽي بابت خاص معاون تنزيلا قمبراڻي چيو ته سنڌ ۾ عورتن جي لاءِ جيڪي قانون موجود آهن، اهڙا قانون باقي صوبن جون اسمبيليون اڃا تائين منظور ناهن ڪرائي سگهيون، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ جون عورتون پنهنجي پيرن تي بيٺل هجن، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورين عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ڄاڻ ڏيون، انهي تي ڪم هلي پيو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار چيو ته سنڌ ۾ هارياڻين کي زمينون مليون، انهن تي مردن جو قبضو آهي، اسان عورتن تي گهريلو تشدد ۽ ٻين قانونن ۾ ترميم لاءِ به ڊرافٽ جمع ڪرايا آهن، پر اڃا تائين اهي فلور تي ناهن آندا ويا، عورتن جي ڪميشن واري چيئرپرسن نزهت شيرين چيو ته گهريلو تشدد، جنسي طور حراسان ڪرڻ ۽ ننڍي عمر واري شادي جي بلن ۾ ترميم لاءِ ڊرافٽ تيار ٿي ويو آهي، جيڪو عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي جي وزير ڪابينا آڏو رکندي، جنهن بعد اسمبلي ۾ ايندو، ايم پي اي منگلا شرما چيو ته اسمبلي ۾ عورت ميمبرن جي ڪوڪس غير فعال آهي، عورتن لاءِ قانونسازي ٿي آهي پر انهي باوجود تشدد، زنا، ننڍي عمر جي شادين تي ضابطو ناهي آيو، ڇاڪاڻ جو انهي قانون تحت ڪنهن کي سزا ئي نٿي ڏني وڃي. ان موقعي تي مهناز الرحمان، خواجا سرا ڪامي، ايم پي اي شاهانا، ملڪه خان، سائينا علي، مهوش ، ايم پي اي عديل ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.