اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو سروي ٽيم خلاف مظاهرو

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مٺڙائو چاڪر جي رهواسين سومار آيسر،خاصخيلي،رامچند ڀيل،لالجي ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام تحت غربت گهٽايو سروي هلي رهي آهي،اسان جي ڳوٺ ۾ ٽيم سروي ڪري ويئي آهي ۽ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،سروي ڪندڙ ٽيم طرفان في ماڻهو کان هڪ سئو روپيا وصول ڪيا پيا وڃن،سروي ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ دليپ ميگهواڙ في فارم تي ڳوٺاڻن کان هڪ سئو روپيا وصول ڪيا آهن ۽ اسان کان به پئسا گهريا ويا،اسان جي انڪار تي اسان کي سروي مان نظرانداز ڪيو ويو آهي،سروي ڪندڙ ٽيم سڄي ڳوٺ جي سروي ڪري اسان جي گهرن کي ڇڏي ڏنو آهي،علىٰ اختياريون نوٽيس وٺن،غيرقانوني رشوت وصول ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.