روهڙي ۾ سيپڪو ملازمن تي فائرنگ خلاف يونين جي سڏ تي مظاهرو

سکر( رپورٽ: اظهر علي دايو) روهڙي لڳ دبر واري علائقي ۾ بجلي چورن خلاف ڪاروائي دوران هٿياربندن پاران سيپڪو عملي تي فائرنگ ڪرڻ خلاف آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين سکر ريجن جي اڳواڻ سيد زاهد حسين شاهه، شجاع گھمرو، نذير ميمڻ، عرفان قاضي، امداد ميمڻ، جاويد عباسي، عقيل دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو سب ڊويزن روهڙي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پوليس ۽ جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيپڪو عملي پاران بجلي چورن خلاف دبر واري علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ تان هٿياربندن سيپڪو ملازمن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ دوران معجزاڻي طور سيپڪو ٽيم جا اهلڪار بچي ويا آهن. واقعي جو اطلاع دبر پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.