ڪنري ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج، بااثر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. مطالبو تفصيل موجب ڪنري ڀرسان چيل بند جي ڳوٺ آچار رند واسين پيرو رند، سندس زال حميدان ۽ ڌيءَ حڪيمان پريس ڪلب پھچي بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته اسان سالن کان وٺي سرڪاري زمين تي ويٺل آھيون پر ملھي جو تڙ واسي بااثر امان الله درس سرڪاري جاءِ تان لڏائڻ چاھي ٿو. بااثر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، مختلف وقتن تي ڌمڪيون ڏئي پوليس هٿان گرفتار ڪرايو، ھاڻ منھنجي گھر ۾ بيٺل وڻ وڍرائڻ جو بھانو ڄاڻائي اتان لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. ھنن چيو ته غريب مسڪين آھيون، سرڪاري زمين تي ويٺا آھيون، ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي. ڪٿي وڃي دانھيون، بااثر نينگري تي تشدد ڪيو. ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.