”نوڪري ڏيو“ سجاول ۾ جيالي جو احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ پ پ جي جيالي محمد حسين شيخ پاران  نوڪري نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي جيالي سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سڄي زندگيءَ پيپلزپارٽي کي ڏني ليڪن هتان جي ضلعي قيادت پاران اسان جهڙن پارٽي ورڪرن کي پٽيوالي جي نوڪري به نه ڏئي سگهيا آهن، هن چيو ته سال اڳ به بک هڙتال ڪئي هئي جيڪا بک هڙتال پ پ تعلقي سجاول جي صدر اقبال ميمڻ پاران اهو دلاسو ڏئي بک هڙتال ختم ڪرائي وئي ته نوڪريون اينديون ته پهرين توهان کي ڏياري ويندي جڏهن ته هن وقت ضلعي سجاول جي مختلف کاتن ۾ آيل نوڪرين لاءِ درخواستون ورتيون ويون آهن جنهن ۾ مون پاران پڻ درخواست ڏني وئي آهي ليڪن اڃا تائين نوڪري نٿي ڏني وڃي، هن چيو ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي تيستائين هر روز جي بنياد تي علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويندو، هن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ ،۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو کي اپيل ڪئي آهي ته پ پ ضلعي سجاول جي قيادت پاران پارٽي جي پراڻن ورڪرن کي نوڪرين سميت هر ڳالهه ۾ نظرانداز ڪرڻ جو فوري طور نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪندس جنهن جو ذميوار  پ پ جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ پيپلزپارٽي ضلعي سجاول جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري هوندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.