”تحفظ ڏيو“ ڊگهڙي ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

ڊگھڙي (ت ر) ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد پچاڻ موري جي رهواسي پريمي جوڙي ڪراچي واسڻ سومي ڌئ کمارو ميگهواڙ پنهنجي مڙس مڪيش ولد مالو ميگهواڙ سان گڏ ڊگهڙي عدالت ٻاهران صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مون رضا خوشي سان مڪيش ميگهواڙ سان پيار پرڻو ڪرڻ بعد ڊگهڙي عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي اسانجي پيار پرڻي تي منهنجا مائٽ کمارو ميگهواڙ ۽ ويجها عزيز منهنجي مڙس ۽ سهري وارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان هن وقت خوف وچان دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون،هن آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسانکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.