خليفي قاسم ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي بجلي بند، ڌرڻو

ٽنڊوباگو  (ت ر) خليفو قاسم ۾ بجلي جي مسلسل بندش خلاف ڳوٺاڻن ۽ شھرين جو مظاھرو پنگريو ۽ ٽنڊوباگو روڊ تي ڌرڻون خبرموجب خليفوقاسم ۽  ڀرپاسي جي 150 ڳوٺن جي بجلي گذريل ٻن مھينن کان بند ھجڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جاويد جوڻيجو محمد درس گل حسن کپري ۽ محبوب جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ٽنڊوباگو پنگريو روڊ تي بس اسٽاپ خليفو قاسم وٽ احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻون ھنيو ۽ ٽائرن کي پڻ باھيون ڏنيون   ڳوٺاڻن موجب ٻن مھينن کان 150 جي لڳ ڀڳ ڳوٺن جي بجلي ٿنڀا ڪرڻ ڪري بند آھي حيسڪو پنگريو ۽ ٽنڊوباگو وارن کي بار بار چوڻ جي باوجود ڪوب تحرڪ نه ورتو نه وري بجلي بحال ٿي سگھي آھي ھنن مطالبوڪيوته جلد بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاجي دائري کي وڌايوويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.