گهاري ۾ ٽائون ملازمن جو مظاهرو

گهارو (ن ع آ ) ٽائون ڪميثي گهاروجي سوين ملازمن کي آگسٽ مهيني جي پگهار نه ملڻ خلاف مزدوراڳواڻ حشمت جوکيو ۽ خدابخش جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن ٽائون ڪميٽي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهروڪري احتجاج ڪندي چيوآهي ته انتظاميه جي نااهليءَ سبب ملازمن کي آگسٽ مهيني جي پگهار 14 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهي آهي جڏهن ته گذريل عيدجي ايڊوانس پگهارملڻ ڪري ملازم ٻن مهينن کان مشڪلاتن جوشڪار آهن ۽ وقت تي پگهارون نه ملڻ ڪري بنيڪ مان کنيل قرض جي قسط به ڊبل ٿي ڪٽجي ويندي آھي.پگهارون نه ملڻ ڪري سوين غريب ملازم فاقه ڪشيءَ واري زندگي گهاري رهياآهن پرسندن دادرسي نٿي ٿئي جنهن ڪري اسين مجبورٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف ٽائون آفيسرعاطف قادرميمڻ ميڊياسان ڳالهائيندي چيوآھي ته حڪومت پاران ٽائون ڪميٽي جي ماهوارقسط جاري نه ٿيڻ سبب پگهارون تعطل جو شڪار آهن جيئن ئي ماهوار جاري ٿيندي ته سمورن ملازمن کي پگهارون به جاري ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.