ملير جو ڳوٺ گندگي جي ور، رهواسي عذاب هيٺ، مظاهرو

ملير (ڊ.ر) قومي شاهراهه لڳ قائم دائود شورو ڳوٺ چوڪنڊي جي رهواسين جو سيوريج جي گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ۽ مين نيشنل هائي وي جو روڊ تباھ ٿيڻ خلاف علائقي واسين پاران سماجي اڳواڻ ڪبير جان بلوچ، نظر محمد مري، محمد رمضان شورو جي اڳواڻي ۾ گندگي خلاف مين نيشنل هاءِ وي چوڪنڊي موڙ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته دائود شورو ڳوٺ گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، گٽر بند ٿيڻ سبب گندو پاڻي روڊن، گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، ٽن مهينن کان سخت اذيتن ۾ مبتلا آهيون، ڏکيائن سبب معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ بزرگ وڏي مشڪلات سان گهرن مان نڪرون ٿا، انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا آگاهي ڏيڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڳوٺ جي گهٽين ۽ روڊ تي گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي. معصوم ٻار چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ضلعي انتظاميا کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر سيوريج جو مرمتي ڪم نه پيو ڪرايو وڃي جنهن سبب قومي شاهراهه جو مين روڊ تباهه ٿي رهيو آھي، اسڪول ويندڙ ٻار ۽ ملازمت ڪندڙ رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آھن، هنن چيو ته انتظاميا صفائي سٿرائي ڪرڻ بدران علائقي مان غائب آهي، علائقي ۾ ڪوبه صفائي سٿرائي جو عمل نه ٿيو آهي، علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، مظاهرين صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين نور حسن جوکيو کي اپيل ڪئي ته گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرائي سيوريج جي مک لائين جو مرمتي ڪم ڪرائي عوام کي گندي پاڻي ۽ گندگي جي آزار مان آجو ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.