خيرپورناٿن شاهه ۾ نوجوان ڦاهو کائي ڇڏيو، وارثن پاران چريو قرار

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ)  خيرپورناٿن شاھ جي ڪاڇي جي ڳوٺ بخشو فقير ۾ 35 ورهين جي نوجوان شوڪت علي ولد برڪت علي چانڊيو جو  ڳوٺ ٻاهران وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، علائقي واسين نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي  وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد نوجوان جا وارث پهچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش کي لاهي گهر آندو جتي روڄ راڙو مچي ويو ، وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو ماڏو پوليس جا اهلڪار پهچي وارثن ۽ ڳوٺاڻن جا بيان وٺي واپس موٺي آئي وارثن نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، رابطي تي ماڏو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته اسين جاء واردات تي وياسين ته نوجون جي پيءۡ برڪت علي چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي پٽ جو ذهني توازن درست نه هيو ۽ ان جو علاج هلندڙ هيو وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو اسين اتفاقي داخلا رکي ڇڏي آهي. رابطي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد برڪت چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي پٽ جو ذهني توازن ٺيڪ نه هيو ڪافي عرصي کان ان جو علاج هلندڙ هيو صبح گهران نڪري ويو ڳوٺاڻن اطلاع تي پهتا سين ته پٽ جو لاش وڻ سان ٽنگيل هيو اسان جي ڪنهن دشمني ناهي ان پاڻ خودڪشي ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.