سکر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ڪنڌرا واسي زميندار قتل ڪري ڇڏيو

سکر  (رپورٽر) سکر ورڪشاپ روڊ وٽ ھٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ، ڪنڌرا جو زميندار ناظم جاگيراڻي موقعي تي قتل، رٽائرڊ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن غلام مرتضٰي جاگيراڻي پٽن سميت زخمي، هٿياربند  فائرنگ ڪندا فرار، زخمين ۽ فوتين فوري تي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، واقعي جتوئي جاگيراڻي تڪرار سبب پيش اچڻ جا اطلاع، ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو. خبرموجب:سکر شهر جي ڳتيل آبادي ورڪشاپ روڊ نامعلوم ھٿياربندن پاران هڪ ڪار ۾ سوار جاگيراڻي برادري جي ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن سبب ڪنڌرا واسي زميندار ناظم جاگيراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن اڳوڻو رٽائرڊ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن غلام مرتضٰي جاگيراڻي ٻن پٽن منظر جاگيراڻي ۽ فرحان جاگيراڻي سميت شديد زخمي ٿي پيا، حملو ڪندڙ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جڏهن موقعي تي موجود ماڻهن ۽ پوليس فوري طور تي زخمين ۽ فوتي کي سکر جي قريبي نجي اسپتال حرا منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن هڪ ڄڻي ناظم جاگيراڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي زخمين جو علاج شروع ڪيو، اطلاع تي جاگيراڻي برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ سکر جي نجي اسپتال پهتا جتان فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس ڳوٺ ڪنڌرا نيو ويو جڏهن ٽنهي زخمين جو علاج هلندڙ هو زخمين بابت معلوم ٿيو آهي ته رٽائرڊ ڊائريڪٽر ۽ سندس هڪ پٽ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،واقعي بابت پوليس جو چوڻ آھي تہ واقعو جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ تڪرار ھلندڙ ھجڻ سبب پيش آيو آهي جڏھن ته ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي تہ ڪجھ عرصو ڪنڌرا ۾ جاگيراڻي برادري جي ماڻھن سانگي جي جتوئي برادري جي نوجوان کي قتل ڪيو ھو ،جنھن جي پلاند ۾ جتوئي برادري پاران پلاند ڪيو ويو آهي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو هو جڏهن تہ سکر پوليس جي وڏي نفري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سانگي ۾ جتوئي برادري جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪڙو چاڙهيو هو پر آخري اطلاعن تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نہ ٿي سگھيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.