ڏهرڪي ۾ رولو ڪتن نينگر کي ڏاڙهي وڌو، رهواسي پريشان

ڏھرڪي  ( ت ر ) ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ حاجي ڪيھر ستابو مھر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ڇتي ڪُتي 07 ورهين جي نينگر شعبان ملڪ پٽ  علي نواز ملڪ کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو آھي، علي نواز ملڪ ميڊيا کي دانهيندي چيو ته ڪتن جي آزار سبب ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ محال بڻجي ويو آهي، شعبان دوڪان تان شي وٺڻ ويو ته کيس ڇتي ڪتي ڏاڙهي ورتو آهي، اسان يوسي وارن کي رولو ڪتن جي آزار سبب دانھيو به آهي، پر انهن جي ڪن تي جونءِ  نه ٿي  چري نينگر کي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو. جتي طبي امداد ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.