غوثپور ۽  ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو  آزار، 3  ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

غوثپور (ن ع آ)  شهر ۽  ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو  آزار نه گهٽيو شهر ۾ رولو ڪتن ٻن معصوم ٻارڙن سميت وڌيڪ ٽن  ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو  جنهن کي وارثن رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور ۾  آندو ويو۔ ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين ۾ غوثپور واسي ڇھن سالن جو نينگر جليل ڏاھاڻي۔ ملڪ پاڙي جي ستن سالن جي نينگري دعا ملڪ ۽ ڳوٺ الاھي بخش لولئي جو رھواسي چاليھن ورھين جو شھزادو لولئي شامل آهن جنهن کي رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال جي عملي طرفان پڻ ڪتي ويڪسين لڳائي وئي ٻئي طرف زخمين دانهيندي چيو ڪتن جو آزار نه گهٽيو آهي ڪتن جي نالي تي  ٽائون عملو مليل جيٽ ته کائي ويو پر ڪاروائي نه ٿي آھي ۔هنن مطالبو ڪندي چيو ته رولو ڪتن خلاف مهم هلائي وڃي ۽ عوام مان خوف جي لھر ختم ڪئي وڃي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.