ڀريا سٽي ۾ ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، ويڪيسن اڻلڀ، مظاهرو

ڀريا سٽي  ( ن ع آ )  ڀرياروڊ ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو۔ رولو ڇتن ڪتن شهر ۾ هڪ ڏينهن اندر 8 ڄڻن کي ڏاڙهي سخت  زخمي ڪري وڌو.  ڀرياروڊ اسپتال مان ويڪسين غائب مريض سخت پريشان ٽائون انتظاميه رولو ڪتن کي آوارا ڇڏي ڏنو، جڏهن ته  هڪ رولو  ڇتي ڪتي هڪ ڏينهن اندر فتح پور محلا کان شهرين کي ڏاڙهيندو، ڏهيا اسٽاپ تائين 8 ڄڻن علي شيربروهي، نويد پنهور، غلام عباس چانڊيو، عبدالجبار لهراڻي، انورآرائين، عاشق پٺاڻ، وارث علي ۽ مزمل بروهي کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو. متاثرن جو ٽائون انتظاميه ۽ صحت کاتي خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻئي پاسي  ٽائون انتظاميه رولو ڪتا نه ماريا، رولو ڪتا سرعام گوشت مارڪيٽ، شيخ محلا، ڪيريا محلا ، فاروق اعظم چوڪ تي گهمڻ لڳا،  شاگرد توڙي شهري خوف واري علامت ۾ ورتل شهرين پاران ٽائون انتظاميه  سرڪاري اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.