ٺاهه ڪريو، ڀٽا، ناريجا، الرا ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو

ڪوٽ مير محمد(ن ع آ) ڪوٽ مير محمد ۾ هلندڙ ڀٽا ناريجا عالماڻي برادرين ۾ خوني تڪرارجي نبيري لاء عالماڻي ناريجا برادري پاران  حسين بخش ناريجو، قلندر بخش ناريجو، عبدالطيف ناريجو رحيم بخش ناريجو، ممتاز علي ناريجو، رجب علي الرو ، مفتي ثناءالله جمالي، مولوي سراج جمالي، غلام شبير گهمرو ، ممتاز علي ٽالپر ، غلام نبي ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ ۽ علائقي جي مختلف برادرين جا چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلو وٺي ڳوٺ پڪا الرا ۾ ڀٽا برادري جي چڱي مڙس صدرالدين ڀٽو جي رهائش گاهه تي پهتو جتي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻ ڀٽابرادي جي چڱن مڙس صدرالدين ڀٽو حاجي نبن ڀٽو ، وڏيرو ڀاڱيل ڀٽو عبدالوهاب ڀٽو ۽ ڀٽا برادري کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي خوني تڪرار ختم ڪري فيصلي لاء منٿ ڪئي جنهن تي ڀٽا برادري جي چڱن مرشن ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن سان هڪ ڪلاڪ الڳ گڏجاڻي ڪري پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪيو جنهن تي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن سندن خدشا دور ڪندي کين يقين ڏياريو ته اسان تڪرار جي خاتمي لاء دل وجان سان خدا ڪارڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون توهان راضي ٿيو ته صلح ڪرايو جنهن تي ڀٽا برادري جي چڱن مڙسن ناريجا برادري سان ٺاهه لاء راضي ٿيندي چيو ته اسان فيصلي لاء راضي آهيون اسان پنهنجي سردار صاحب کي آگاهه ڪري کائنس ٽائيم وٺي بعد ۾ فيصلي جي تاريخ ڏينداسين جنهن بعد ميڙ منٿ جي اڳواڻن خير جي دعا گهرڻ بعد واپس موٽي ويا جڏهن ته ڀٽا برادري پاران ٺاهه لاء راضي ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.