احمد پور ويجهو نينگر سان بدفعلي معاملو، واقعي جو ڪيس داخل

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو وڏا مهيسر جي ڳوٺ محمد ڇٽل ميتلو ۾ چار ڏينهن اڳ 12 سالا نينگر شڪيل ميتلو سان مبينا طور تشدد  بعد بدفعلي واري معاملي جو نينگر جي پيءُ شهزادو ميتلو جي فرياد تي ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ جوابدار امير علي ميتلو ۽ هڪ اڻ سڄاتل شخص کي نامزد ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ نينگر جي پيءُ شهزادو ميتلو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وحشي جوابدار امير ميتلو ٻئي ساٿي سان گڏجي معصوم پٽ جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وحشي جوابدارن جي تشدد سبب پٽ بي حال بستري ڀيڙو پيل آهي ۽ جوابدار گرفتار ٿيڻ جي باوجود به پوليس چار ڏينهن گذرڻ بعد ميڊيا ۾ خبرون هلڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ گرفتار جوابدار امير ميتلو کي پوليس عدالت ۾ پيش نه ڪيو هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.