ڌاري آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي / حيدر آباد/ سکر ( نمائندن وٽان) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاء، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي  کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ 13ھين ڏينھن بہ احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ ڪراچي ڪورنگي ۾ حسين سنڌي، منور برھماڻي جي اڳواڻي ۾  مظاھرو ڪيو ويو ملير جي ڳوٺ يوسف عارفاڻي ۾ ڪاشف خاصخيلي، ساجد عرفاڻي، سينگار بليدي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي۔ مسوڀرڳڙي ۾ الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، رفيق ڪنراڻي، بابو ميمڻ، دلدار ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي۔ ڊگھڙي ۾ ارباب نوحاڻي، رازو ڪولھي، مجيد ٻگھيو، ڪرڙ لٻاري، انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي۔ نوشھرو فيروز ۾ خان سومرو، نازن عالماڻي، اختر پروو، رضا محمد، ھدايت الله، سجاد سنڌي، نزاڪت سنڌي، محرم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ٿيو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.