ملير ۾ عورتن سميت 14 منشيات فروش گرفتار، منشيات هٿ

ملير (ڊ.ر) ملير پوليس ڪاروائي ڪندي بلوچستان کان منشيات آڻي ڪراچي ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه جي پنج عورتن سميت 14 جوابدارن کي  گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ، خبر موجب ؛ ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي بلوچستان کان منشيات آڻي ڪراچي ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه جي پنجن عورتن سميت 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 70 ڪلو چرس، 04 ڪلو ڪرسٽل ۽ هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ ايس پي ملير ملڪ سنگهار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بلوچستان کان منشيات آڻي ڪراچي ۾ سلائي ڪندڙ گروهه خلاف ڪاروائي ڪندي ضلعي جي مختلف علائقن قائد آباد، اسٽيل ٽائون، شرافي ڳوٺ، سکڻ ۽ ملير سٽي ۾ ڇاپن دوران پنجن عورتن سميت 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ سجاد شاهه، جاويد شاهه، سيد عمران، نعمان، غلام مرتضيٰ، محمد خان، در محمد، انور شيخ، عشاءَ، عاليا، زيبا، سسئي، روزينا، شبانا شامل آهن، هن چيو ته شهر جي مختلف علائقن مان منشيات جي وڪرو ۾ ملوث گروه گرفتار جوابدارن کان منشيات خريد ڪندا هئا، منشيات جي ٻين خريدارن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، جلد گرفتاريون ڪيون وينديون، هن چيو ته هٿ آيل منشيات جي ماليت ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، بلوچستان ۾ موجود مرڪزي ڊيلر جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، هن چيو ته منشيات جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ منشيات فروشي جا گروه پابندي مڙهيل تنظيمن کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن، ان بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن جي نشاندهي تي ڪراچي ۾ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.