ڀرياسٽي ۾ صحافي سان ماسات جي لاڏاڻي تي تعزيت هلندڙ

ڀرياروڊ ( ن ع آ ) ڀرياسٽي پريس ڪلب جي سينئر  نائب صدر صحافي نديم علي منگي جي ماسات دانش علي جي اوچتي وڇوڙي  تي منگي اتحاد ويلفيئر آرگنانيزيشن جي چئيرمين روشن علي منگي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نثار احمد منگي ۽ سنڌ جو بھترين فنڪار ياسين شيخ سميت ٻين پاران پريس ڪلب تي پھچي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي ايثال ثواب لا۽ دعا پڻ گھري ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر راڻا شير محمد جنرل سيڪريٽري  آفتاب ڪيريو راڻا راشد علي محمد يوسف سومرو علي حيدر ڪلھوڙو  ۽ ٻيا ميمبر پڻ موجود ھئا

سيٺارجا ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر  جوڀاءُ  لاڏاڻو ڪري ويو

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا لڳ يوسي ڏيپارجا جي رهواسي ريٽائرڊ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر آفيسر ضمير حسين ڏيپر جو  وڏو ڀاءُ غلام قادر ڏيپر ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنھن جي جنازہ نماز سندس پنھنجي شھر يوسي ڏيپارجا ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ شھرين علائقي واسين سميت سياسي سماجي اڳواڻن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون پڻ گھريون جڏهن ته سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.