احمد پور ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو جيها مسجد ڀرسان احمدپور _ خيرپور لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ فتح علي چانڊيو واسي عورت اقبال خاتون  سندس  نوجوان پٽ ممتاز علي چانڊيو ۽ مسمات غلام ڪبران چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا آهن اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو جتان هڪ عورت غلام ڪبران کي نازڪ حالت سبب سکر جي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.