ميرپور خاص ۾ لوڊشيڊنگ، شهري عذاب هيٺ، احتجاج

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي عوام حيسڪو جي ظلمن کان بچڻ لاءِ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن کان مدد طلب ڪري  ورتي آهي، ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن جي رهواسين ۽ مختلف بردارين جي چڱن مڙسن علماءُ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن مولانا حفيظ الرحمٰن فيض ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ آصف معراج راجپوت سان ملاقاتون ڪري کين حيسڪو جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ غيراعلانيا لوڊشيڊنگ سميت ڳرن بلن ۽ سڙيل ٽرانسفارمرن کي تبديل ڪري سخت گرمي ۾ بجلي جي لاڳيتي فراهمي لاءِ ڪوششون وٺڻ جي اپيل ڪئي. عوام پااران حيسڪو جي ڪامورن جي نااهلي خلاف مدد گھرڻ تي علماءُ ايڪشن ڪاميٽي پاران حيسڪو جي اختيارين کي فوري طور بجلي جي غير اعلانيا لوڊشيڊنگ ختم ڪري، شهر جي مختلف علائقن جي سڙيل ٽرانسفارمرن کي تبديل يا مرمت ڪري بجلي جي بحالي ۽ عوام پاران ايس ڊي او هيرآباد جي ڪرپشن جي شڪايتن تي کيس فوري طور معطل ڪري ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

 سلوٽا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  ڇهين ڏينهن به احتجاج

بوزدار وڏا (ن ع آ) سلوٽا پاران فيڪلٽي ميمبرن جي جائز حقن لاءِ يونيورسٽي انتظاميا خلاف مسلسل ڇهين ڏينهن احتجاج جي  ماحول جي وچ ۾، سلوٽا ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هڪ اهم اجلاس صدر پروفيسر ڊاڪٽر مينهن خان لغاري جي آفيس ۾ سومر، سيپٽمبر 13، 2021 تي سندس صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس جي باضابطه شروعات کان پھريائين، سلوٽا جي سڄي باڊي سڀني ڪئمپسز جي فيڪلٽي ميمبرن پاران سلوٽا جي احتجاج جي سڏ تي زبردست ردعمل لاءِ سندن شڪريو ادا ڪيو. هي اتحاد ۽ فيڪلٽي ميمبرن پاران سلوٽا باڊيء کي لازمي آهي ته هو استادن جي حقن ۽ welfareلائي لاءِ ثابت قدم رهي.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران آن لائين موبائيل ايپ سروس

ڪراچي (  پ ر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران شھرين کي بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ  آن لائين موبائيل ايپ سروس کي  اپ گريڊ ڪري ڇڏيو،ان ڏس ۾ ترجمان ڪراچي واٽر بورڊ پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان جي ھدايتن تي شھرين کي وڌ کان وڌ سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي واٽر بورڊ پاران آن لائين موبائيل ايپ سروس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي جنھن سان ھاڻي شھري باآساني موبائيل ايپ سروس ۽ موبائيل نمبر ذريعي واٽر ٽينڪرز جي بڪنگ ڪرائي سگھن ٿا،اپ گريڊ ٿيل آن لائين موبائيل ايپ سروس کان علاوه شھري ھيٺ ڏنل نمبر (03041112482) تي واٽر ٽينڪر پڻ بُڪ ڪرائي سگھن ٿا، جڏهن تہ اپ گريڊ ٿيل آن لائين موبائل ايپ سروس جي ويب سائيٽ https://bit.ly/3A2uszi آھي، ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان پاران شهري معمول موجب باآساني سان اپ گريڊ ٿيل آن لائين موبائيل ايپ سروس ۽ مٿي ڏنل موبائيل نمبر تي واٽر ٽينڪرز جي بڪنگ ڪرائي سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.