بي ايڇ يو سيٺارجا ۾ مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

سيٺارجا (ن ع آ)  ضلع خيرپور ميرس جي يارهن وارڊن تي مشتمل سڀ کان ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا ۾ قائم بي ايڇ يو ۾ انچارج ڊاڪٽر فلڪ شير سھتو پاران اسپتال جي اهم مسئلن بابت ڪميونٽي گڏجاڻي  ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پي پي ايڇ آئي پاران مقرر ڪيل مانيٽرنگ آفيسر محسن مھتاب ڀٽي خصوصي شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اسپتال ڪميونٽي ميمبرن سميت سياسي سماجي اڳواڻن حسرت علي سھتو , سياسي سماجي اڳواڻ نظام حسين لنڊ , صدر نيشنل پريس ڪلب سيٺارجا ذوالفقار علي انصاري , صحافي فاروق علي مڱڻيجو , صحافي حسين بخش ڪٻر , سماجي اڳواڻ فيروز گل سھتو , سيد احسان علي شاھ صحافي الھورايو راڄپر سماجي اڳواڻ اميد علي سھتو , اطھر علي سھتو سماجي اڳواڻ محمد ياسين آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪري اسپتال جي بنيادي مسئلن الٽراسائونڊ جي بحالي , دوائون جي کوٽ ۽ عملي جي واڌاري تي پڻ بحث ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.